مٺياڻي:ڪتي کاڌل شاگرد جي پورھيت پيء جو وئڪسين نه ملڻ ڪري ٽائون آفيسر, ايم ايس، پولیس خلاف ٿاڻي آڏو احتجاج، ڌرڻو - Eye News Network

مٺياڻي:ڪتي کاڌل شاگرد جي پورھيت پيء جو وئڪسين نه ملڻ ڪري ٽائون آفيسر, ايم ايس، پولیس خلاف ٿاڻي آڏو احتجاج، ڌرڻو

0

مٺياڻي (اي این این ایس) مٺياڻيء ۾ ڪتي کاڌل شاگرد جي پورھيت پيء جو وئڪسين نه ملڻ ڪري ٽائون آفيسر خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاء ٿاڻي آڏو احتجاج ,رستي تي رسو ٻڌي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيو۔ خبر موجب مٺياڻيء ويجھو ڳوٺ ليٽ ننگر خان چانڊيو جو رھواسي 10 سالا شاگرد غلام قادر چانڊيو جي والد غلام حيدر چانڊيو پاران ٽي ڏينھن پھريان مبينا طور ڇتي ڪتي پاران ڏاڙھڻ ۽ سندس پٽ  کي وئڪسين نه ملڻ سبب متاثر والد مٺياڻي ٿاڻي آڏو احتجاج ڪندي رستي تي رسو ٻڌي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيو۔
ان موقعي تي ھن صحافين ۽ شھرين آڏو دانھيندي چيو ته ٽي ڏينھن پھرين  مٺياڻي شھر ۾ پنھنجي پٽ سان گڏ  گھر لاء سودو وٺڻ آيو ھوس ته شھر جي ئي ھڪ ڇتي ڪتي سندس پٽ کي  ٽنگ ۾ چڪ ھڻي ڏاڙھي وڌو ھو۔ ھن روئندي چيو ته مٺياڻي اسپتال ۾ ايم ايس وٽ ويس جنھن وئڪسين نه ھجڻ جو چئي جواب ڏنو، جنھن بعد مون پنھنجي گھران ٻارنھن سئو روپيه ڀري پٽ کي وئڪسين لڳرائي، ٽن ڏينھن کانپوء اڄ به اسپتال مان وئڪسين نه ھجڻ جو چيو ويو , ليڪن اڄ مون وٽ ايترا پئسه ناھن جو آء پنھنجي پٽ کي وئڪسين لڳرايان۔ نيٺ آء ٽائون آفيسر مٺياڻي مشتاق احمد سومرو وٽ به مدد لاء ويس ۽ کيس پنھنجي غربت ۽ پورھيت ھجڻ جو به يقين ڏياريو پر ان ڪابه مدد نه ڪئي۔ آخر ۾ ھن چيو ته آء پورھيت ۽ مسڪين آھيان جيڪڏھن منھنجو پٽ  مري وڃي ته ان جي  قتل جي ايف آء آر مٺياڻي ٽائون آفيسر خلاف داخل ڪئي وڃي۔ ھن وڌيڪ ٻڌايو ته ايس ايڇ او مٺياڻي به ڪيس داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏنو آھي۔ آخر ۾ ھن چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ ۽ صحت جي صوبائي وزير کان سندس پٽ کي  ڪتي ڏاڙھڻ جي بچاء واري وئڪسين لڳرائي سندس حياتي بچائڻ جي اپيل ڪئي۔

About Author

Leave A Reply