نوشهروفيروز(اي این این ایس) ايس ايس پي نوشهروفيروز الطاف حسين لغاري چيو آهي ته شھيد صحافي عزيز ميمڻ جي. قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو ۽ سندن گرفتاري لاءِ ٽيم جوڙي آھي. پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ چانھ پارٽي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ايس ايس پي الطاف حسين لغاري وڌيڪ چيو ته ضلع جي سمورن ايس ايڇ اوز کي چيو آھي تہ ڏوھ ننڍو ھجي يا وڏو ھجي اھو لڪائڻ بجاءِ ظاھر ڪن ته جيئن انھن ڏوھن ۾ ملوث ڏوھارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي متاثرن کي انصاف فراهم ڪري سگھجي۔
ھن چيو ته صحافي ڏوھن تي لکن ڀلي کلي لکن پر ڏوھن جي رڪوري ۾ پوليس جي ڪارڪردگي تي به لکن جيئن پوليس آفيسرن جي ھمت افزائي به ٿي سگھي. ان موقعي تي پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر قاضي ذوالفقار، جنرل سيڪريٽري غلام مرتضي تڳر ۽ ٻين خطاب ڪيو