نوشهروفيروز(ای این این ایس) پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن طرفان سنڌ جي شاگردن سان ناانصافين، نتيجن ۾ هيراڦيري سنڌ جي شاگردن جون مارڪون پنجاب جي شاگردن کي ڏيڻ خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي، مٺياڻي يوٿ ڪاميٽي ۽ پروگريسو يوٿ الائنس طرفان نوشهروفيروز پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪیو ویو. احتجاجي مظاهري کي فرهاد مستوئي، فياض شيخ ۽ ايڊووڪيٽ نور راڄپر خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جو هر شاگرد پي ايم سي جي ناڪارا پڌرائي کي رد ڪري ٿو.
سنڌ سان ناانصافيون بند ڪري سنڌ جي شاگردن کي اصل نتيجا ڏئي پاس ڪيو نہ تہ ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.