مٺياڻيء ڀرسان پراڻي تڪرار تان ٻه ڄڻا قتل، پسند جي پرڻي تان 4 مارجي چڪا - Eye News Network

مٺياڻيء ڀرسان پراڻي تڪرار تان ٻه ڄڻا قتل، پسند جي پرڻي  تان 4 مارجي چڪا

0

نوشهرو فیروز/مٺياڻي (اي اين اين ایس) مٺياڻيء ڀرسان پراڻي تڪرار تان ٻه ڄڻا قتل. خبر موجب مٺياڻيء  ويجھو ڳوٺ عبدالڪريم ڀرٽ ۾ اٽڪل ھڪ سال پھرين ناري سيما سولنگي ۽ اشفاق ڀرٽ جي ڪيل پسند جي پرڻي  تان سولنگي ۽ ڀرٽ برادريء جي ٻن ڌرين ۾  شروع ٿيل تڪرار جي نتيجي ۾ ڳوٺ شفيع محمد سيال ۾ بجريء جي ٽرڪ ڀري آيل ٻن پورھيتن ھر ھڪ 19 سالن جو عبدالرزاق ولد محمد اسماعيل سولنگي ۽ 24 سالن جو امتياز علي ولد عبدالستار سولنگيء مٿان جوابدارن ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا جنھنڪري ھو ٿڏي تي ئي مارجي ويا, مقتولن جا لاش اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين ٿاڻي جي حد بندي واري روايتي تڪرار سبب جاء واردات تي پيل رھيا
ان بعد مٺياڻي پوليس ٻنھي مقتولن جا لاش رورل ھيلٿ سينٽر مٺياڻيء ۾کڻائي آئي, جتي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا
ھوڏانھن اھڙي واقعي ٿيڻ بعد سولنگي برادريء جا سوين ھٿياربند مٺياڻي اسپتال تي پھچي ويا، ٻئي طرف ٻنھي مقتولن جو تعلق مورو شھر جي ويجھو ڳوٺ مناھين سان ٻڌايو پيو وڃي. لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ,۽ سڄي علائقي ۾ وڏو خوف ۽ ھراس پڻ ڇائنجي ويو ۽ اھو پڻ معلوم ٿيو آھي ته مقتول ڌر اصل ڳوٺ ڪانڊيرو سولنگيء جا ئي آھن , جيڪي 13 سال اڳ اتان لڏي وڃي ڳوٺ مناھين ۾ رھائش اختيار ڪئي. واضح رھي ته اٽڪل ٻه مھينا پھرين چاچي ۽ ڀائٽي ھرھڪ صادق علي ڀرٽ ۽ جاويد علي ڀرٽ کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو ھو. آخري اطلاع موجب واقعي بابت ڪو به ڪيس داخل ناھي ٿيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي آھي

About Author

Leave A Reply