You are at:Home»News»Local»مٺياڻي پوليس جو انوکو ڪارنامو: بورچي جي اڳواڻي ۾ چڙھائي، شھرین جو احتجاج
نوشھرو فيروز (رپورٽ: منظور ملڪ/ای این این ایس) مٺياڻي جي پورهيت ڪيبن هلائيندڙ ماجد ڀٽي جي ڪيبن تي چار پوليس اهلڪار مٺياڻي جی ایس ایچ او جي بورچي جي اڳواڻي ۾ چڙھائي ڪري تشدد ڪرڻ کانپوء اٽڪل پنجهتر هزار روپيا روڪ رقم کڻي هليا ويا ، ڪيبن مالڪ روئندو رهيو. دڪاندار ايسوسيئيشن ۽ شھرين احتجاج ڪري مين چوڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي احتجاج ڪيو ۽ پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي.
احتجاج جي اڳواڻي دڪاندار ايسوسيئيشن جوصدر وقار شيخ، غلام نبي ڀٽي، اسلم ڀٽي ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي ايس ايڇ او مٺياڻي مظاھري واري ھنڌ پھچي ساڻن ڳالھيون ڪيون ۽ کين يقين ڏياريو ته مان پنھنجي بورچي ۽ اسٽاف کان پڇا ڳاڇا ڪيان ٿو ۽ دڪاندار ايسو سيئيشن جي صدر کي متاثرہ دڪاندار کان رقم جي بابت معلومات وٺي پوء ڳالھين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد احتجاج ختم ڪيو ويو۔ واضح رھي ته مزڪوره دڪاندار تي ڪجه ڏينھن پھريان به پوليس چڙھائي ڪري نشي آور سوپاريون وڪرو ڪرڻ جو الزام ھنيو ھو ليڪن ڇاپي دوران ڪجه به برآمد نه ٿيو ھو ۽ رات واري چڙھائي ۾ به پوليس ڪجه به برآ مد نه ڪري سگهي ۽ دڪان جي مالڪ ماجد ڀٽي موجب ته پوليس ڪنھن جي ونگار وھي اسان کي بدنام ڪري رھي آھي. ھنن اعلئ عملدارن کان انصاف جو مطالبو ڪيو آھي.
About Author