You are at:Home»News»Local»ڪنڌڪوٽ ۾ ٽن ٻارن جي ماء ٻي شادي کان انڪار تي ڪھاڙين جا وار ڪري ڀاء پاران زخمي
ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: فدا کوسو) ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد عيد گاھ پاڙي ۾ ٽن ٻارن جي ماء کي پنهنجي ڀاء پاران ٻي شادي ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي ڪھاڙين جا وار ڪري جانڪي باگڙي کي سخت زخمي ڪري وڌو جنهن بعد زخمي عورت کي سرڪاري اسپتال آڻي کيس طبي امداد فراھم ڪئي وئي ـ ھن سلسلي ۾ زخمي عورت جانڪي باگڙي جو چوڻ آهي ته 10 سال اڳ منهنجي مڙس مون کان لاتعلق ٿي ٻي شادي ڪئي ۽ مان پنهنجو پاڻ ڪپڙا وڪرو ڪرڻ جو پورھيو ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي رھي آھيان.
ھن چيو ته منھنجو ڀاء سروڻ باگڙي پنهنجي ٻين رشتيدار ڪنور سنگھ ۽ لال باگڙي سان گڏ ٿي مون کي پئسن عيوض وڪرو ڪري زبردستي ٻئي ھنڌ شادي ڪرائي منهنجي گھر تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو. مسلسل انڪار ڪرڻ تي ھو مون کي قتل ڪرڻ ۽ ٻيا سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رھيو آھي
ھن اعلي’ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدار کي گرفتار ڪري کيس تحفظ فراھم ڪيو وڃي
About Author