ڀريا لڳ ناري سان مبينه طور اجتماعي ڏاڍائي، پوليس پاران ميڊيڪل لاءِ ليٽر ڏيڻ کان انڪار، جوابدار به آزاد - Eye News Network

ڀريا لڳ ناري سان مبينه طور اجتماعي ڏاڍائي، پوليس پاران ميڊيڪل لاءِ ليٽر ڏيڻ کان انڪار، جوابدار به آزاد

0

نوشهروفيروز(اي اين اين ايس)ڀرياسٽي لڳ ڳوٺ همبر واهه جي رهواسڻ ناري صنم سان جوابدار فدا حسين ڪلهوڙو ۽ سندن ساٿين پاران اغوا بعد لڄالٽ ڪرڻ واري مامري جو ايس ايس پي نوشهروفيروز طارق ولايت نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او ڀريا کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

ٻئي طرف اجتماعي لڄالٽ جو شڪار ناري پريس ڪلب اڳيان وارثن سان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته زيادتي ڪندڙ وڏيرو فدا حسين ڪلهوڙو ۽ سندس ساٿين کي ڀريا ٿاڻي جو ايس ايڇ او عبدالله اعواڻ گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جنهن سبب مان عدم تحفظ جو شڪار آهيان

جوابدار فدا حسين، ڏنل، واحد بخش ۽ عطر ڪلهوڙو ڪيس تان هٿ کڻڻ ۽ راڄوڻي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن. هن چيو ته ايس ايس پي نوشهروفيروز جي نوٽيس وٺڻ باوجود اڃا تائين جوابدارن خلاف ڪا به ڪارراوئي نه ڪئي وئي آهي نه ئي وري مون کي ميڊيڪل لاءِ ليٽر ڏنو پيو وڃي.

هن مطالبو ڪيو ته اجتماعي زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري انصاف ڏيارڻ سان گڏ تحفظ ڏنو وڃي

About Author

Leave A Reply