پڊعيدن جي صحافي علي شير راڄپر جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاج جاری

0

 نوشهروفيروز(ای این این)پڊعيدن جي شهيد صحافي علي شير راڄپر جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين شڪيل احمد راڄپر سميت ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز ۽ شهيد صحافي جي وارثن پاران اڄ 14هين ڏينهن تي پڻ احتجاج جاري رهيو

ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر ايم ظفر تڳر، زاهد راڄپر، شهيد صحافي جو والد اقبال احمد راڄپر، ڀاءُ دائود راڄپر، خادم سيال، ماجد ميمڻ، قاسم اسراڻ، ممتاز سولنگي، مظهر خاصخيلي، مشتاق مري، غلام مرتضيٰ تڳر، غلام حسين سومرو ۽ ٻين چيو ته 14 ڏينهن گذرڻ باوجود قتل ڪيس ۾ ملوث مک جوابدار جو گرفتار نه ٿيڻ انتظاميه جي نااهلي آهي
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪيون ته فوري طور شهيد صحافي جي قتل ۾ ملوث ٽائون چيئرمين شڪيل احمد

.راڄپر ۽ ٻيا قاتل گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو

About Author

Leave A Reply