پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو تحفظ لاء مٺياڻي پريس ڪلب پهچي ويو - Eye News Network

پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو تحفظ لاء مٺياڻي پريس ڪلب پهچي ويو

0

مٺياڻي(اي اين اين)ڪوٽ لالو جي رهواسڻ پيار جو پرڻو ڪندڙ 18 سالا تسليم مجيداڻو ۽ پڊعيدن جو رهواسي 31 سالا علي حسن مجيداڻو تحفظ لاء پريس ڪلب مٺياڻي ۾ پهچي دانهيو آهي ته اسان اٽڪل ٽي مهينا اڳ حيدراباد ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آهي جنهن بعد اسان جا مائٽ گڏيل طور اسان جا دشمن بڻجي ويا آهن ۽ سندن عزيز فاروق، حاڪم، ارشد، فرمان، حبيب الله مجيداڻو مختلف ٿاڻن تي اغوا سميت ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهيا آهن
هنن دانهيدي چيو ته اسان جا مائٽ اسان خلاف جرڳو ڪوٺائي ان ۾ اسان کي قتل ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن جنهن بعد اسان جو جيئڻ حرام ٿي ويو آهي ۽ اسان پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهيون. آخر ۾ هنن چيف جسٽس سنڌ هاء ڪورٽ , آء جي سنڌ، ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ايس ايس پي خيرپور سميت سڀني وسوارن کي کين تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ سندن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندڙ ۽ ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي

About Author

Leave A Reply