ٽائون ڪاميٽي نوشهروفيروز جو وائيس چيئرمين مستعفي،چونڊ 14 فيبروري تي ٿيندي

0

نوشهروفيروز(اي اي اين) ٽائون ڪاميٽي نوشهروفيروز جي وائيس چيئرمين منير احمد سومري پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ڪري وائيس چيئرمين تي ٻيهر چونڊ 14 فئبروي تي ٿيندي. ان ڏس ۾ ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين پير خالد سيف الله ٻڌايو ته وائيس چيئرمين جي ڏنل استعيفيٰ منظور ڪئي وئي آهي ۽ خالي ٿيل سيٽ تي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي ليٽر جاري ڪيو ويو آهي

ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي منير احمد سومري ٻڌايو ته هن کان اڳ ۾ ئي استعيفيٰ ورتي وئي هئي اهو پارٽي جو حڪم هو جنهن ڪري استعيفيٰ ڏني آهي

هوڏانهن اليڪشن آفيسر نوشهروفيروز خالد مرزا ٻڌايو ته وائيس چيئرمين جي استعيفيٰ بعد اليڪشن شيڊيول جو اعلان ٿي ويوآهي جنهن موجب 14 فئبروري تي چونڊ ٿيندي

About Author

Leave A Reply