يونيورسٽي انتظاميا پاران فيسن ۾ واڌ خلاف مظاهرو

0

 نوشھروفيروز (اي این این) سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي طرفان يونيورسٽي انتظاميا پاران فيسن ۾ واڌ خلاف نوشھروفيروز ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔

سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻ فرهاد مستوئي, ڪامريڊ اسد چانڊيو, معراج سنڌي, بشير احمد سولنگي, نور راجپر, شهباز مستوئي, فياض شيخ ۽ ٻين جي ڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.
ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻن چيو تہ سنڌ يونيورسٽي انتظاميا فيسن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري تعليم دشمني جو ثبوت ڏنو آهي، يونيورسٽي انتظاميا ۽ پيپلزپارٽي جي سنڌ سرڪار غريب شاگردن کان تعليم جو حق کسڻ چاهين ٿا، هٿ وٺي تعليمي ادارن کي تباھ ڪيو پيو وڃي۔
سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پنهنجي هوڏ تي قائم رهي ۽ شاگرد دشمن فيصلا واپس نہ ورتا ويا تہ احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌائڻ سان گڏ سنڌ يونيورسٽي جي ڪرپٽ عملدارن جو گهيراءُ ڪيو ويندو.

About Author

Leave A Reply