ويرجي ڪولهي کي هٽائي نئون چيئرمين مقرر ڪيو وڃي، سول سوسائٽي

0

سکر (پ ر/ای این این ایس) سول سوسائٽي سکر پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ جوڙيل هيومن رائيٽس وجيلنس ڪاميٽي تي نظرثاني ڪري صوبي جي سڀني ڊويزن جي نمائندگي ڏني وڃي ۽ اهڙن ميمبرن جي چونڊ ڪئي وڃي جن جون سماجي خدمتون پنهنجي علائقي لاءِ رهيون هجن ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙ رهي هجي جيئن سنڌ ۾ ننڍي عمر جون شاديون، ٻارن سان ٿيندڙ زيادتون، اقليتن سان ٿيندڙ ناانصافين، ڪارو ڪاري جهڙي ڪڌي رسم ۽ عورتن سان ٿيندڙ زيادتن تي انهن جو ڪردار مثبت رهيو هجي.
اسان سول سوسائٽي سکر پاران چيف منسٽر سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڪاميٽيء جي چيئرمين ويرجي ڪولهي کي هٽائي نئون ڪو چيئرمين مقرر ڪيو وڃي ۽ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ختم ڪري سنڌ جي مختلف علائقن مان نوان ميمبر کنيا وڃن.

About Author

Leave A Reply