نوشهروفيروز: عدالت پاران اڳوڻي ڊي ايس پي عبدالحميد پنھور سميت پنج اھلڪارن جي ضمانت رد

0

نوشهروفيروز(ای این این) 3 مھينا اڳ ابڙان ٿاڻي جي حد ۾ مبينه پوليس مقابلي ۾ ماريل ٻن نوجوانن اطھر ۽ محب سولنگي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نوشهروفيروز ۾ ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت مورو جي اڳوڻي ڊي ايس پي عبدالحميد پنھور سميت پنج اھلڪارن عبدالله ابڙو، علي اڪبر، ولي محمد ۽ محمد خان ڪورائي جي ضمانت رد ڪري ڇڏي. ڊي ايس پي ۽ اھلڪار ضمانت رد ٿيڻ بعد عدالت مان فرار ٿي ويا. ڊي ايس پي ۽ پنج اھلڪار ڪيس ۾ ڪچي ضمانت تي ھئا. ان موقعي تي مقتول نوجوانن جا وارث پڻ عدالت ۾ موجود ھئا. جڏھن ته ڪيس جي پيروي ڌنراج ايڏووڪيٽ ۽ عبدالباقي ڪاڪڙ ڪئي

About Author

Leave A Reply