مٺي:پرڻيل ناري پاران وڻ ۾ ڦاهو ڏئي آپگهات،عدالت طرفان گٽڪو کائيندڙنوجوان کي انوکي سزا

0

مٺي (اي اين اين)مٺي ويجهو ڳوٺ جوڙوئو ۾ 25 سالن جي شادي شده ناري ڪملي زال شنڪر ڪولهي گهرو پريشاني سبب وڻ ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. مٺي پوليس اطلاع تي لاش مٺي سول اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم بعد  وارثن حوالي ڪيو

معلوم ٿيو آھي ته شادي شده ناري ڪملي ڪولهي گهرو اڻبڻت سبب گهرن ويجهو وڻ ۾ ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو. جنهن کي هڪ پٽ جو اولاد آھي

ٻئي طرف سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ مٺي 1 گرمکداس جي عدالت سفينا گٽڪو وڪڻڻ جي ڪيس ۾ هندو نوجوان جوابدار گووند مهاراج کي چار مهينا شو مندر ۾ صبح شام ٻهارو ڏيڻ ۽ ٻه هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت زباني سزا بعد جوابدار کي پروبيشن ڊپارٽميٽ حوالي ڪندي سزا تي عمل ڪرائڻ جون هدايتون ڏنيون

جوابدار گووند مهاراج تي مٺي ٿاڻي تي سفينا ۽ گٽڪي وڪڻڻ جو ڪيس داخل هو، عدالتي سزا بعد جوابدار کي سندس ڀاءُ لو ڪمار جي ضمانت تي پروبيشن آفيسر ضمانت تي آزاد ڪندي شو مندر مان صبح شام ٻهارو ڪڍڻ جو پابند بڻائي ڇڏيو

About Author

Leave A Reply