سڪرنڊ: ڪينسر جي مرض ۾ ورتل مریض کي ڪامورن پاران ڪڍڻ جا سانباھا

0

سڪرنڊ (اي این این) ڪينسر جي موذي مرض ۾ ورتل پي اي آر سي عمر ڪوٽ جي ملازم انور علي لاشاري سڪرنڊ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو آهي ته مان ٻن سالن کان زبان جي ڪينسر ۾ ورتل آھيان، منهنجو علاج نورين ڪينسر اسپتال نواب شاھ ۾ هلندڙ آهي۔
مسڪين ماڻھو ۽ گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ آهيان علاج جي سلسلي ۾ عمر ڪوٽ کان نواب شاھ اچڻ وڃڻ ۾ گهڻي تڪليف ٿئي ٿي مون پي اي آر سي عمر ڪوٽ جي ڊائريڪٽر کي عمر ڪوٽ کان ٽنڊو ڄام يونيورسٽي بدليء جي گذارش ڪئي ته جيئن علاج ۾ آساني ٿي سگهي پر ڊائريڪٽر صاحب مون سان همدردي ڪرڻ بدران مونکي نوڪريء مان ڪڍڻ لاء زور ڀري رهيو آھي
مان گهر جو واحد ڪمائيندڙ آهيان علاج تي گهر جو الھ تلھ تين وال ٿي ويو آهي نوڪري منهنجي جياپي جو سهارو آهي ان ڪري مان نوڪري ڪرڻ چاهيان ٿو. هن وس وارن کان گهر ڪئي ته انساني همدرديء جي بنياد تي مون کي عمر ڪوٽ مان ٽنڊو ڄام بدلي ڪيو وڃي. هن چتاء ڏنو ته ساڻس انصاف نه ڪيو ويو ته هو پاڻ کي باھ ڏئي ڇڏيندو

About Author

Leave A Reply