سيشن جج نوشهروفيروز محبوب عالي جواھري استعيفا واپس وٺي ڇڏي

0

 نوشهروفيروز(ای این این) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوشهروفيروز محبوب عالي جواھري پنھنجي ڏنل استعيفا واپس وٺي ڇڏي آھي. محبوب عالي جواھري استعيفا جي واپسيءَ لاءِ سند ھاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي خط لکي ڇڏيو آھي. سيشن جج نوشهروفيروز محبوب عالي جواھري جي استعيفي جي واپسي تي وڪيلن ۽ سيشن ڪورٽ جي اسٽاف ۾ خوشي کي لھر ڇانئجي وئي. ان سلسلي ۾ وڪيل اڳواڻن شوڪت علي ٻوھيو، امر امتياز ميمڻ ايڊووجسٽس آف پیس لالا ایم حسن ۽ ٻين چيو ته وڪيلن ۽ اسٽاف جي جدوجھد رنگ لاتو آهي ۽ سيشن جج پاران استعيفا واپس وٺڻ سٺو عمل آهي.

About Author

Leave A Reply