سنڌيونيورسٽي رھائشي ڪالوني جا مسئلا حل ڪريو” ملازمن جو احتجاج - Eye News Network

سنڌيونيورسٽي رھائشي ڪالوني جا مسئلا حل ڪريو” ملازمن جو احتجاج

0

ڄامشورو(ای این این) سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز ايسوسيئيشن (سيوا) جي سڏ تي اي سي ٽو اڳيان احتجاج کي خطاب ڪندي سيوا صدر محمد علي گهانگهري چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪالوني چيئرمين ۽ يونيورسٽي انتظاميان خلاف سخت نعريبازي ڪئي. چيئرمين ڪالوني ملازمن جي تذليل ڪري رهيو آهي، هو غير قانوني طور سان من پسند ماڻهن کي ڪوارٽر الاٽ ڪري رهيو آهي. ذوالفقار علي رستماڻي خطاب ڪندي چيو ته ڪالوني چيئرمين کي هٽائڻ سميت ملازمن جي ڊي پي سي ڪرائڻ، ڪمپيوٽر آپريٽرن جي مسئلن سميت بجلي ۽ گئس جا بل فڪس ڪيا وڃن.
هوڏانهن احتجاج بابت سنڌ يونيورسٽي ڪالوني چيئرمين ڊاڪٽر عمران هاليپوٽي ٻڌايو ته ملازم اگواڻ محمد علي گهانگهرو، ذوالفقار علي رستماڻي لکت ۾ ڪو به ڪم ناهي ڏنو جي لکت ۾ ڏيندا ته مسئلو حل ڪيو ويندو.
احتجاج ۾ سنڌيونيورسٽي ملازم امداد کوسو، محمد لغاري, شعمون مسيح, مجتبا ڀٽو, رشيدعباسي, رياض ناريجو, نياز لانگاھ, جاڙو ڏاهاڻي, گل حسن خاصخيلي سميت ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اڳواڻن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کان مطالبو ڪيو آهي ته اگر جي ڪالوني چيئرمين کي نه هٽايو ويو ته احتجاجي تحريڪ وڌيڪ هلائي ويندي.

About Author

Leave A Reply