خورشيد شاهه سکر ۾ فوتي ڪوٽا تحت 28 نوڪرين جا آرڊر ورهایا

0

سکر(ای این این) ايم اين ايز سيد خورشيد احمد شاهه، نعمان اسلام شيخ ۽ ڊي سي سکر غلام مرتضيٰ شيخ سکر ضلعي سان واسطو رکندڙ سروس دوران فوت ٿيل سرڪاري ملازمن جي وارثن ۾ 28 نوڪرين جا آرڊر ورهايا.
ڊي سي آفيس سکر ۾ ٿيل تقريب ۾ تعليم، آبپاشي ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جن ملازمن جي وارثن ۾ نوڪرين جا آرڊر ورهايا ويا اُنهن ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر بيگاري بند جا 44، ڊي اي او پرائمري جا 8، ايگزيڪيوٽو انجنيئر اپرسنڌ هڪ، ڊي اي او سيڪنڊري جا 8، ايگزيڪيوٽو انجنيئر نارا ڪئنال هڪ، اَي او سکر بئراج هڪ، گڊو بئراج هڪ ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر سکر بئراج جا 4 شامل آهن.
خورشيداحمد شاهه ان موقعي تي فوتي ڪوٽا تحت نوڪريون ماڻيندڙن تي زور ڀريو ته اهي ايمانداري ۽ سچائي سان پنهنجا فرض نڀائي ۽ عوام جي خدمت ڪن، جڏهن ته سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن ۽ سندن ڪٽنبن جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ جوڳيون ڪوششون وٺي رهي آهي.

About Author

Leave A Reply