جيڪب آباد: آفتن جي خطرن بابت انتظامي صلاحيتن کي مظبوط ڪرڻ جي منصوبي تحت ویهڪ

0

جيڪب آباد(ای این این) جيڪب آباد ۾ فلاحي تنظيم ڪميونٽي ڊولپمينٽ فائونڊيشن سي ڊي ايف پاران مقامي سطح تي آفتن جي خطرن بابت انتظامي صلاحيتن کي مظبوط ڪرڻ جي منصوبي ھيٺ ڊي سي آفيس جي ڪانفرنس ھال ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت ۾ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو اجلاس ٿيو۔
اجلاس ۾ سي ڊي ايف جي مبصوبي ڪارگردگي پيش ڪئي ويئي يوسي احمد پور سميت ضلعي جيڪب آباد ۾ آفتن جي صورتحال ۽ ان جي تياري جي باري ۾ غور ويچار ڪيو ويو.
ان موقعي تي چيمبر آف ڪامرس جي صدر احمد علي بروھي ھندو پنچائت جي روشن لعل روسي احمد پور جي رھواسين محمد علي سومرو ڊاڪٽر دلدار ڀنگر مير احمد دستي ايم اين اي جو نمائندي انور علي سومرو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته سڄو ضلعو جيڪب آباد آفت متاثر آھي ان ڪري سڄي ضلعي ۾ اھڙو ڪم ڪرڻ گھرجي ھنن چيو ته گرمي جي موسم ۾ ڳوٺن ۾ باھيون لڳڻ ۽ روڊ حادثا ۽ قبائلي جھيڙا به ھٿرادو يا قدرتي آفتون آھن تنهن ڪري ضلعي حڪومت توڙي اين جي اوز انهن آفتن ڏي توجه ڏين ته جيئن متاثر ماڻھن جي واھر ٿي سگهي يوسي احمد پور جي رھواسين بلوچستان ۽ ٺل تعلقي مان واڌو پاڻي سوين ايڪڙ زمين ۽ ڳوٺاڻن کي متاثر ڪيو آھي ان ڪري نيڪال جو سسٽم ٺاھي ڏنو وڃي ته جيئن اسان جو زمينون ۽ روزگار بحال ٿي سگهي۔
ڊي سي جيڪب آباد غضنفر قادري خطاب ڪندي چيو ته ايندڙ مھينا مون سون جو موسم آھي ۽ سڀني محڪمن کي ان لاء تياري ڪرڻ گھرجي اين جي اوز کي گھرجي ته منصوبو شروع ٿيڻ کان پھرين شھرين کان صلاح مشورو ورتو وڃي ۽ ضلع حڪومت ۽ ڳوٺاڻن کي ٻيڙين ايمبولينس ۽ فائر برگيڊ جي ضرورت آھي جيئن ڪنهن به آفت وقت فوري رليف ڏنو وڃي.
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ھر محڪمي ۾ ايمرجنسي رسپانس يونٽ قائم ڪرڻ يوسي احمد پور ۾ پاڻي جي تباھ ڪارين جي ايريگيشن کاتي کي رپورٽ پيش ڪرڻ شھر ۾ آر او پلانٽ لڳائڻ ڳوٺن ۾ سولر لائيٽون لڳائڻ ۽ ضلع ۾ ماڊل ڳوٺ ٺاھڻ جو به حڪم ڏنو۔

About Author

Leave A Reply