جسقم چيئرمين سميت ڪارڪنن مٿان جيل ۾ تشدد خلاف علامتي بک ھڙتال

0

 مٺياڻي (ای این این) مٺياڻيء ۾ جسقم چيئرمين سميت ڪارڪنن مٿان جيل ۾ تشدد ڪرڻ خلاف مٺياڻيء جي مين چوڪ تي جسقم ڪارڪنن فيصل مستوئي، فياض علي شيخ، معراج سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻيء ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي وئی۔
ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته جسقم چيئرمين سميت ڪارڪنن مٿان جيل ۾ تشدد ڪرڻ رياستي ڏاڍ ۽ جبر جي نشاني آھي۔ ھنن چيو ته اھڙن حربن سان سنڌ جي حقن واري جدوجھد تان ڪير به دستبردار نٿو ڪرائي سگھي۔
آخر ۾ ھنن گرفتار قومپرست قيادت ۽ ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو۔

About Author

Leave A Reply