اعجاز ممنائي جي ڪتاب ”رند پروڙين راز“ جو مهورت

0

 نوشھروفيروز(ای این این)
نوشھروفيروز جي سينئر اديب اعجاز ممنائي جي ٽئين ڪتاب ”رند پروڙين راز“ جي مهورتي تقريب سول اسپتال ڪالونيء ۾ العمل فائونڊيشن نوشھرو فيروز پاران منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ساهتي پرڳڻي جي اديبن شاعرن ۽ علم دوست شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔
مهورتي تقريب جي صدارت سول اسپتال جي سول سرجن ڊاڪٽر خادم حسين مڱريو ڪئي۔ ان موقعي تي اڳواڻن مولانا جان محمد ونگاڻي، مولانا يوسف حسيني، سيد شهاب الدين شاه، شيعا علما ڪائونسل جي ضلعي صدر جميل الرحمان جتوئي، دوست علي ونگاڻي، ڊاڪٽر عبدالرزاق، امر امتياز، امانت وسطڙو ۽ ٻين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اعجاز ممنائي بهترين ليکڪ سان گڏ انسان دوست اديب آھي وٽس لکڻ جو وڏو ڏانءُ آھي پاڻ قلم جي نوڪ ۽ زبان سان حق ۽ سچ جو پيغام عام ڪندو رهي ٿو۔

About Author

Leave A Reply