Remembering Ghaffar Malik نامياري سماجي اڳواڻ غفار ملڪ جي پهرين ورثي

1

Hyderabad (ENN) Ghaffar Malik’s first death anniversary is being commemorated on 29th December. Ghaffar Malik was renowned civil society leader, who worked for communities with special focus on Gender, Democracy, Peace, education and human rights. He grew up in religious back ground by studying in Madersahs but later he joined student politics as nationalist leader and kept his writing and publishing work together. He was known as “Jabal Malik” during his student’s politics.

Hyderabad: Participants of Tribute to Ghaffar Malik

In 90’s Malik founded his own non-governmental organization named Sindh Development Society (SDS) in Hyderabad Sindh and started working with communities in suburbs of Hyderabad, Thana Bola Khan and Kotri (now Jamshoro district).

Malik was known for his own indigenous style of language and promoting Sindhi culture particularly the Soofi-ism for peace; while apart from knowing English, he preferred talking in Sindhi with foreigners or non-Sindhi speakers. He was down to earth with all people while quoting that we should live each other with love, respect and dignity.

He established his SDS as leading organization in Sindh and every year he used to organize Soofi culture night on the eve of New Year and every year he used to arrange Sindh Nari Jagerta conference on women rights.

Malik was busy in arrangements of Soofi cultural night on upcoming New Year night in 2016 but in the middle night of December 28-29th he was caught by severe heart attack and could not survive as he had gone through heart by-pass few years ago. He was laid to rest in Padidan, district Naushahro Feroze, Sindh.

He was well committed, passionate and hard-working person and, true son of soil. SDS and his friends organized memorial on Saturday at Sindh Museum Hyderabad. The ceremony was dedicated to soofi songs followed by speeches. Firdaus Sangi, Paras Ghaffar Malik, Shakoor Abbasi, Faqeer Yasin Chann, Manzoor Abro, Rabia Sama and many others paid tribute to Ghaffar Malik in an event held Mumtaz Mirza Auditorium.

Paras Ghaffar Malik and many other friends have possessed the legacy of Ghaffar Malik and taking a head his mission of peace, love, respect and supporting oppressed sections of the society.

سنڌ جو کاهوڙي ڪردار غفار ملڪ

حيدرآباد (اي اين اين) سنڌ جي مهان جاکوڙي ڪردار عبدالغفار ملڪ جي پهرين ورسي 29 ڊسيمبر تي ملهائي وئي.   مشور سماج سڌارڪ غفار ملڪ 28 ۽ 29 ڊسيمبر جي وچ واري رات جو دل جي دوري سبب دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو هو. کيس پڊعيدن ضلع نوشهري فيروز ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو هيو. غفار ملڪ پنهنجي زندگيءَ جي شروعات مذهبي ماحول سان ڪئي پر ستت ئي هن شاگردي واري زماني ۾ قومي سياست شروع ڪئي ۽ اتي جبل ملڪ جي نالي سان سڃاتو ويندو هيو

Ghaffar Malik (C), Mustafa Baloch, Raoof Chandio, Suleman G Abro, Lala Hassan (R)

هن لکڻ پڙهڻ ۽ ڪتاب ڇاپڻ جو سلسلو به جاري رکيو ۽ 90 واري ڏهاڪي ۾سماجي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ پنهنجي تنظيم سنڌ ڊويلپمينٽ سوسائٽي جو بنياد وڌو ۽ ٿاڻي بولا خان ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ عام ماڻهن سان ڪم جي شروعات ڪئي

غفار ملڪ پنهنجي اڻ ٿڪ محنت سان ايس ڊي ايس کي سنڌ جي نامياري تنظيم بنائي ڇڏيو. ڏيهه توري پرديس ۾ ماڻهو ايس ڊي ايس ۽ غفار ملڪ کي سڃاڻندا هئا. هو شاه لطيف جو اهو شعر ورجائيندو هو ته ”کرڪڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهين، اوسيئڙو آهي کاهوڙين کي پنڌ جو! هو ان جو زنده مثال به رهيو، رات تائين ويهي ڪم ڪندو رهندو هيو

غفار ملڪ هر سال نئين سال جي آمد تي صوفي راڳ جي محفل رچائيندو هو ۽ 2016 ۾ پڻ هو ان جي تيارين ۾ هيو پر موت کيس مهلت نه ڏني ۽ هو 28 ۽ 29 ڊسمبر جي وچ واري رات لاڏاڻو ڪري ويو. جڏهن ته عورتن جي حقن بابت هو هر سال ناري جاڳرتا جي نالي سان ڪانفرنس به ڪندو هيو

غفار ملڪ جي مشن کي سندس نوجوان پٽ پارس غفار ملڪ سنڀاليو آهي ۽ ان کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ ملڪ جي دوستن سميت جاکوڙ ڪري رهيو آهي. ايس ڊي ايس پاران غفار ملڪ کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ 30 ڊسمبر ڇنڇر ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ فردوس سانگي، شڪور عباسي، پارس غفار ملڪ، منظور ابڙو، فقير ياسين چن، رابعه سما، انيل هيراڻي ۽ ٻين سوين ماڻهن ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي صوفي راڳ جي محيل به ٿي

غفار ملڪ پنهنجي مخصوص انداز جي ڪري سدائين نمايان رهندو، هو انگريزي ڄاڻندي به پرڏيهين ۽ سنڌي به ڳالهائي سگهندڙن سان سنڌي ۾ ڳالهائيندو هو

About Author

1 Comment

Leave A Reply