Pregnant singer shot dead on refusal to dance during performanceلاڙڪاڻو: ڳورهاري فنڪاره ثمينه جي قتل خلاف احتجاج، دهشتگردي ٽوڙ قانون تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو

0

لاڙڪاڻو، مورو(اي اي اين) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ڪنگا ۾ ڪالهه رات نثارجوڻيجو جي پٽ جي طھر واري تقريب ۾ لاڙڪاڻي جي ايوب ڪالوني جي رھواسڻ فنڪاره ثمينه سنڌو ڳائي رھي ھئي ته طارق جتوئي نالي جوابدار فنڪاره کي اٿي بيھي ڳائڻ جو چيو۽ ان جيئن اٿي ڳايوته نوجوان طارق مٿس فائرنگ ڪئي، جنھن جي نتيجي ۾ ٻه گوليون لڳڻ سبب فنڪاره سخت زخمي ٿي پئي جنھن کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال پهچايوويوھو پر ھو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي وئي جنھن بعد پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارث کڻائي ويا

جڏهن ته جناح باغ ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد ڌرڻوھنيو ويوان بعد ڊي ايس پي صدرخليل الرحمن مسڻ جي آفيس پھچي مقتولا جي مڙس عاشق سمون جي فرياد تي مک جوابدار طارق جتوئي ۽ ٻن اڻ سڃاتل جوابدارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيوويوآھي.بعد ۾ مقتولا فنڪارھ جو مڙھ اباڻي شھر جيڪب آباد اماڻيو ويوجتي کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آھي. ايس ايس پي تنوير تنيو معاملي جو نوٽيس ورتوايس ايڇ او ڪنگا لياقت کجڙکي معطل ڪري ڇڏيوآھي

Larkana: Accused being brought to court here on Thursday. (ENN)

مقتولا فنڪارا ثمينه سنڌو جي وارثن جو چوڻ آھي ته اسان جي فنڪاره کي پيٽ ۾ ٻار ھو ھو 8 مھينن جي حمل سان ھئي ۽ هوءَ ٻار سميت فوت ٿي وئي. جوابدار سڌي فائرنگ ڪئي آھي اسان جا 2 خون ڪيا آھن اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ڊي ايس پي صدرخليل الرحمن مسڻ چيوآھي ته فنڪاره جو مارجي وڃڻ افسوس ناڪ عمل آھي اسان جوابدار کي گرفتار ڪري 302 قتل جي ايف آءِ آرفريادين مطابق داخل ڪئي آھي

Moro: protest against the brutal murder of Singer Samina. (ENN)

مقتولا فنڪاره ثمينه سنڌو جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فنڪارعزيز سانگي، عاشق نّظاماڻي، الطاف سمون، راجه سمون، ستار لاڙ واقعي واري ھنڌ پھچي ويا. ان موقعي تي آرٽس ڪائونسل جي صدر عزيز سانگي چيو ته ٿاڻي ڀرسان فائرنگ جو واقعو ٿيوآھي اھا پوليس جي نااھلي آھي ايس ايڇ او فنڪاره جي سازيندن کي گرفتار ڪري انھن کان ڦرلٽ ڪئي. ثمينه جو اقعو وڏو واقعوآھي.اسان فنڪارغيرمحفوظ آھيون

ٻئي طرف فنڪاره جي قتل خلاف موري ۾ مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي رئوف  مگسي عاشق راڄپر، الجھڙيو سمون، محمد شريف زرداري، علي داد لغاري، فيروز سولنگي، بابر سولنگي، منير احمد،  اعجاز سمون، منظور چانڊيو، امتياز کوکر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف دهشتگردي ٽوڙ قانون تحت ٻن قتلن جو ڪيس داخل ڪيو وڃي

Pregnant singer shot dead on refusal to dance during performance

Larkana (ENN) A pregnant singer was shot dead while performing at an event near Larkana, Sindh.

Samina Sindhu, a local folk singer was shot dead by accused Tariq Jatoi after she had refused to dance during her performance as she was pregnant.

Sidhu was taken to a Larkana hospital where she was pronounced dead on arrival. The local Police initially refused to register a complaint and described the murder as an ‘accident’. According to Police Jatoi who was attending the wedding party was intoxicated at the time.

The suspect has since been arrested. Sindh Home Minister Sohail Anwar Sial said he had taken notice of the incident last night and ordered the police to lodge a case against the suspected shooter. Police arrested the accused and SHO was suspended later for mishandling and harassing the colleagues of slain singer.

About Author

Leave A Reply