عمان مسقط/ڪراچي (چيف رپورٽر) عمان جي شهر مسقط ۾ انڊس هائوس مابيلا مسقط ۾ عمان جو 55 هون قومي ڏينهن ملهايو ويو، جنهن ۾ پاڪستاني ڪميونٽي مان مختلف ڊاڪٽرن فيملي سميت شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو ء عمان جي خوشحالي لاء نيڪ تمنائن ، محبتن ء دعائن جو اظهار ڪيو ويو.
سڀني شرڪاء پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو تہ عمان جو مستقبل بهترين آهي ۽ عمان جي سلطان هيٿم بن طارق سميت عماني قوم لاء نيڪ تمنائن ، محبتن جو اظهار ڪيو ويو.
ڊاڪٽر دليپ ڪمار دولتاڻي پاران سڀني آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪيو ويو.