لياقت پنھور آمريڪا ۾ نوجوانن جي مدد ڪندڙ خاموش ڪردار - Eye News Network

لياقت پنھور آمريڪا ۾ نوجوانن جي مدد ڪندڙ خاموش ڪردار

0

♦سانا جو لياقت پنھور آمريڪا ۾ نوجوانن جي مدد ڪندڙ ڪردار

ھيوسٽن (اي اين اين) سانا جي سرگرم ميمبر لياقت پنھور چيو آھي تہ سنڌو درياءَ اسانجو ساھ آھي، ان ڪري سنڌ جي پاڻي چورائڻ جي ھر محاذ تي مخالفت ڪبي

لياقت پنھور سانا جي ڪنوينشن ۾ پنھنجي ساٿين سان گڏ شرڪت ڪري رھيو آھي، جنھن ۾ ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو ۽ سنڌ مان آيل مختلف شخصيتون پڻ موجود آھن

لياقت پنھور لاء مشھور آھي، تہ ھو اھو ماڻھو آھي جيڪو خاموشي سان سنڌ مان ايندڙ نوجوانن جي مدد ڪندو رھندو آھي ۽ ڪافي نوجوانن کي آمريڪا ۾ سيٽل ڪري چڪو آھي پر ھو ان جي تشھير ني ڪندو آھي

ھڪ نوجوان نالو ظاھر نہ ڪرڻ واري شرط تي ٻڌايو تہ ھو جڏھن آمريڪا آيو تہ کيس ڳالھيون ڪندڙ ماڻھو کوڙ مليا پر لياقت پنھور عملي ڪم ڪري کيس جي ڀرپور مدد ڪئي

About Author

Leave A Reply