مٺياڻي (رپورٽ: وقار حسن/اي اين اين) حفاظتي اپائن تحت روڊ رستي زائرين جي سفر مٿان حڪومتي پابنديءَ خلاف نوجوانن مٺياڻي ۾ سخت احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي
مظاھرين حڪومتي پابندي کي رد ڪندي گھر ڪئي تہ پابندي ترت ختم ڪئي وڃي
ھنن وڃڻ ڏيو، وڃڻ ڏيو، ڪربلا وڃڻ ڏيو، مومنن جي درسگاھ، ڪربلا ڪربلا، حڪومتي پابندي نامنظور جا نعرا ھنيا
مقررين زنوار نياز علي چانڊيو، سيد اظھار شاہ، زنوار امير بخش ۽ ٻين چيو تہ رياست پنھنجي ناڪامي لڪائڻ لاء پابندي مڙھي آھي، جيڪا ڪنھن بہ صورت ۾ قبول ناھي. ھنن چيو تہ جيڪڏھن حڪومت تحفظ فراھم نٿي ڪري سگھي تہ اسان پنھنجي حفاظت پاڻ ڪرڻ لاء تيار آھيون پر ڪربلا ضرور وينداسين. زائرين تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آھن، ويزا سميت ٻيا خرچ ڪيا ويا آھن پر حڪومت اوچتو فيصلو ڪري زيادتي ڪئي آھي
About Author