You are at:Home»News»Local»ڪنڊيارو لڳ ناري پراسرار طور فوت، جنسي زيادتي تي جرڳو، ٻہ جوابدار سوگھا
نوشهروفيروز (چيف رپورٽر/ لالا حسڻ) نوشهروفيروز جي ٿاڻي محبت ديرو جي حد ڊوڍا جي ناري جنسي زيادتي بعد پراسرار طور فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ٿي ويو. پوليس ٻن نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
ڪنڊيارو سول اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر رفيق جو چوڻ آهي ته متاثرہ ڇوڪري کي بي هوشي جي حالت ۾ اسپتال آندو ويو هيو. جنھن کي گمبٽ ريفر ڪيو ويو پر ڪالھ رات ٻيھر ناري کي اسپتال آندو ويو ہر ھوء فوت ٿي چڪي ھئي
ھوڏانھن وزير اعلي۱ سنڌ مراد شاہ واقعي جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري ۽ آئي جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي. جڏھن تہ ايس پي نوشهروفيروز روحيل خان کوسو واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي، ايس ايڇ او ڪنڊيارو مجيد آرائين، اسد نبي کچي ۽ ڊي ايس پي محراب پور اظھار لاھوري تي مشتمل هڪ ڪاميٽي ٺاهي آهي، جيڪا 2 ڏينهن ۾ واقعي جي رپورٽ پيش ڪندي. پوليس ترجمان چيو آهي ته ٻن جوابدارن عبدلاجبار چنہ ۽ لعل ڏنو چنہ کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن کي ناري جي والد ايف آئي آر ۾ نامزد پڻ ڪيو آھي
ناري جي والد موجب ان حوالي سان ھڪ جرڳو وڏيري وٽ پڻ ٿيو جنھن ۾ جوابدار ڌر تي چار لک ڏنڊ پڻ ھنيو ويو ۽ ناري وڏيري وٽ سام طور رکي وئي. جنھن بعد ساڻس جنسي زيادتي ۽ اغوا ڪيو ويو ۽ ننڊ جون گوريون کارائي ماريو ويو
ھوڏانھن وڏيري عزيز اللہ ڏھراج جو چوڻ آھي تہ ناري فائزہ چنہ بابت فيصلو ٿيو ھو پر ھوء سام طور وٽس نہ ھئي، ناني ڏانھن ايندي ويندي ھئي
خيال رھي تہ ڪيس ۾ قتل، جنسي زيادتي، ڏوھ لڪائڻ ۽ ھم خيال ٿي ڏوھ جھڙا قلم لڳايا ويا آھن
پوليس موجب اڄ جوابدارن کي رمانڊ لاء عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو
About Author