سنڌو ندي ۽ سنڌو تھذيبَ ئي سنڌين جو جياپو - Eye News Network

سنڌو ندي ۽ سنڌو تھذيبَ ئي سنڌين جو جياپو

0

سنڌو ندي ۽ سنڌو تھذيبَ ئي سنڌين جو جياپو

ڪراچي (اي اين اين) ورلڊ سنڌي ڪانگريس پنھنجي عمل کي وڌائيندي ھن سال به، سنڌ تي پنھنجي 37 ھين عالمي ڪانفرنس بروز ڇنڇر، 4 آڪٽوبر، 2025ع تي، يونيورسٽي آف ويسٽ منسٽر، هيرو ڪيمپس، لنڊن ۾ ڪوٺائي رھي آھي

ھن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي اھم مسئلن بابت موضوع رکيا ويا آھن، جنھن سنڌ ۾ انساني حقن جي صورتحال، قومي خودمختياري، علائقائي امن ۽ سلامتي ۽ ماحولياتي انصاف جھڙا موضوع شامل آھن

هن موقعي تي محقق، دانشور، ۽ انساني حقن جي علمبردارن جا مقالا پيش ڪيا ويندا، گڏوگڏ سنڌي راڳ، ثقافتي پذيرائي ۽ شرڪت ڪندڙن لاءِ طعام جو پڻ انتظام ڪيو ويو آهي

ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي پڌرائي موجب ڪانفرنس لاءِ سنڌ جي محقق ۽ انساني حقن جي علمبردارن کي دعوت ڏجي ٿي ته هو پنھنجي مقالن جا خلاصا (Abstracts) 31 آگسٽ 2025 تائين اسان کي  info@worldsindhicongress.org تي موڪلين

About Author

Leave A Reply