ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو پريس ڪلب جي تعمير سميت مختلف اسڪيمون جمع ڪرائي ڇڏيون - Eye News Network

ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو پريس ڪلب جي تعمير سميت مختلف اسڪيمون جمع ڪرائي ڇڏيون

0

نوشھروفيروز (چيف رپورٽر) ممتاز علي چانڊيو، ميمبر سنڌ اسيمبلي چيو آھي تہ پي پي سرڪار عوامي خدمت جو ڪم جاري رکندي. پريس ڪلب مٺياڻي رجسٽرڊ جي وفد سان ملاقات دوران ممتاز علي چانڊيو ٻڌايو تہ پريس ڪلب مٺياڻي رجسٽرڊ لاءِ پنجاه لک جي اسڪيم جمع ڪرائي ڇڏي آھي، ايندڙ بجيٽ کانپوء ان تي ڪم شروع ڪرايو ويندو

ھن ٻڌايو تہ مٺياڻي شھر مان برساتي پاڻي جي نيڪال لاء ابجي ۾ ٻہ ڊسپوزل يونٽ پڻ لڳايا ويندا جيڪي ايمرجنسي ۾ پاڻي نيڪال ڪندا

ممتاز علي چانڊيو وڌيڪ چيو تہ مٺياڻي اسپتال کي قبضا مافيا کان بچائڻ لاء چوديواري ڏيارڻ واري اسڪيم پڻ شامل ڪرائي وئي آھي

وفد ۾ صدر صوبدار علي مشوري، عتيق الرحمان قريشي، رانا غلام سرور، محمد جمن راجپوت، پنھل خان چانڊيو، مسرور علي ڀٽي ۽ ٻيا شامل ھئا. ان موقعي وفد ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو جا ٿورا مڃيا ۽ گرلس ھائي اسڪول واري گھٽي ۾ پيور بلاڪ لڳرائڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي، جنھن تي ھنجو چوڻ ھو تہ ٽائون چيئرمين سڪندر علي چانڊيو ان تي ڪم ڪري رھيو آھي

About Author

Leave A Reply