صحافي شان ڏھر جي ورسي، قاتل آزاد - Eye News Network

صحافي شان ڏھر جي ورسي، قاتل آزاد

0

لاڙڪاڻو: پهرئين جنوري سال 2014ع واري رات صحافتي ذميداريون ادا ڪندي رات جي رهزنن هٿان شهيد ڪيل باڊهه ڄائي ۽ سنڌ جي ناليواري صحافي شان ڏهر جا قاتل 11 سال گذرڻ باوجود به قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه اچي سگهيا. باڊهه ۾ شهيد صحافي شان ڏهر جي يارھين ورسي ملهائي وئي، جنهن ۾ شهيد شان ڏهر جي وارثن ڀيڻ فوزيه ڏهر، نياڻين عاليه بتول ۽ رانيه بتول سميت صحافين سان گڏ مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل شخصيتن صحافين ۽ ٻين شرڪت ڪئي
تقريب جي اختتام تي شهيد صحافي شان ڏهر جي شهادت واري جاءِ تي سندس تصوير اڳيان ميڻ بتيون ٻاري خراجِ تحسين پيش ڪئي وئي.اڳوانن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فورن شھيد شان ڏهر جا قاتل گرفتار ڪري صحافين ۽ وارثن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي

About Author

Leave A Reply