ورلڊ سنڌي ڪانگريس، حيدرآباد سنڌ نيشنل الائنس پاران، سنڌ جي زمينن تي والار، سنڌ جي وسيلن تي قبضا مافيا ۽ جبري گمشدگين جي خلاف احتجاج ڪندڙن قومي ڪارڪنن ۽ عورتن مٿان تشدد, غير انساني ورتاءَ، گرفتارين، ۽ زوري گم ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ نندا ڪري ٿي
پنهنجي ڌرتيءَ، ماڻهن ۽وسيلن جي ڦر لٽ خلاف پر امن احتجاج ڪرڻ بنيادي انساني حق آهي. اسان رياست کان پرزور مطالبو ٿا ڪيون ته سنڌ جي ماڻهن ساڻ زيادتيون فوري طور تي بند ڪيون وڃن. گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي