You are at:Home»News»Local»مٺياڻي: شڪاري ڪامورو ۽ وڏيرو ڳوٺاڻن تي مڇرجي پيو، رھواسين جو عورتن ۽ ٻارن سميت احتجاج
نوشھرو فيروز (اي اين اين) شڪاري وڏيري ۽ ڪاموري پاران مٺياڻي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ملڻ بعد متاثر ڳوٺاڻن عورتن سميت احتجاج ڪيو آھي. متاثر ڳوٺاڻن راڻو خان ڀرٽ، وحيد علي ڀرٽ، وزير علي، خالد حسين ڀرٽ گھر جي عورتن سميت پريس ڪلب مٺياڻي (رجسٽرڊ) ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانھيو آھي ته ڦاڙھي جو شڪار ڪندي اسانجي گھرن تي فائرنگ ڪندڙ وڏيري فياض علي ڀرٽ، جيڪو اينٽي ڪرپشن ۾ سرڪل آفيسر پڻ آھي، سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. ھو پنھنجن ڪمدارن ھٿان موتمار ڌمڪيون ڏئي اسانجي گھرن تي روزانه رات جو فائرنگ ڪري اسانجون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آھن. ھنن وڌيڪ چيو ته وڏيرو فياض علي ڀرٽ اينٽي ڪرپشن ۾ سرڪل آفيسر آھي ڳوٺ جي ماڻھن تي ڪوڙيون شڪايتون ڪرائي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ڳوٺ مان لڏائڻ ٿو چاهي پر اسان هاڻي روڊن تي نڪري اچي ويھي رهنداسين اسان ستن پيڙھين کان ڪچي ۾ پنھنجي ڳوٺ ۾ رھون ٿا جيڪو سرڪاري آھي، وڏيرو اتان به لڏائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي. آخر ۾ ھنن چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ، آء جي پوليس سنڌ، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوشھروفيروز جناب محبوب عالي جواهري ۽ ايس ايس پي نوشھرو فيروز کان کين تحفظ فراھم ڪرڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن خلاف قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي
About Author