سنڌ جا وسيلا، جزيزا ۽ ٻيٽ غيرمحفوظ آهن, سنڌ جو عوام انهن خلاف بہ آواز اٿاري، راشد محمود سومرو - Eye News Network

سنڌ جا وسيلا، جزيزا ۽ ٻيٽ غيرمحفوظ آهن, سنڌ جو عوام انهن خلاف بہ آواز اٿاري، راشد محمود سومرو

0

 صالح پٽ (رپورٽ: رحيم بخش چنڙ/ای این این) صالح پٽ ۾ جمعيت علماء اسلام پاران بلدياتي اليڪشن جي سلسلي ۾ سياسي جلسو منعقد ڪيو ويو۔ خبر موجب صالح پٽ ۾ بلدياتي اليڪشن جي سلسلي ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سياسي جلسو منعقد ڪيو ويو, جلسي ۾ علامه راشد محمود سومرو, محمد صالح انڍڙ, اسدالله ڀيو, عبدالحميد مهر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ تي اقتدار ڪندڙ ڀوتارن, سردارن انهن جي بنگلن ۽ فارم هائوسن تي ڪم ڪندڙ نوڪر به زندگي جي هر آسائش جو مزو وٺي رهيا آهن ليڪن غريب هڪ ويلي لاء پريشان آهي, اسپتالن ۾ دوائون نٿيون لڀن, غريب جي جنازي کڻڻ لاء ايمبولنس ناهي, نوجوان نوڪرين لاء ڀٽڪندا پيا وتن, سنڌ جا وسيلا, جزيزا ۽ ٻيٽ غيرمحفوظ آهن, سنڌ جو عوام انهن خلاف آواز به اٿاري ٿو, بغاوت به ڪندو رهيو آهي ليڪن اليڪشن جي وقت انهن خلاف ووٽ ناهي ڪيو, ليڪن هاڻي تبديلي جو وقت اچي چڪو آهي بلدياتي اليڪشن ۾ جي يو آء جا اميدوار ڪامياب ٿي رهيا آهن علام راشد محمود سومرو وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم صرف پارلياماني اتحاد آهي جيڪو انتخابي اتحاد ڪونهي جنهن لاء صوبن توڙي مرڪز ۾ انتخابي اتحاد جي حوالي سان ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي, هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ملڪ کي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪرڻ چاهي پيو, هو چاهي پيو ته ملڪ ۾ بدحالي اچي ۽ ملڪ ۾ خانه جنگي شروع ٿي وڃي ليڪن اسان ملڪ کي بچائڻ نڪتا آهيون عمران حڪومت جيڪو ساڍن 3 سالن ۾ 30 سالن جو گند ڪيو آهي هن حڪومت کي اهو گند صاف ڪرڻ ڏيو, عمران خان جڏهن کان ڄائو آهي جيڪا به ڳالهه ڪئي اٿائين ان ۾ يوٽرن ورتو اٿائين هن جو چوڻ آهي ته موجوده حڪومت مدو پورو نه ڪري سگهندي ليڪن پڪ ڄاڻو ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي۔

About Author

Leave A Reply