You are at:Home»News»National»نوشهروفيروز: نوجوان کي کنڀي گم ڪرٹ خلاف احتجاجي ريلي
نوشهروفيروز(ای این این) ڪجهه ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان عزيز ڀنگوار جي وارثن ۽ سياسي توڙي سماجي ڪارڪنن پاران الله واري چوڪ کان وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئی، جنهن جي اڳواڻي شاهنواز ڀٽي، اصغر ڀنگوار، نورنبي راڄپر، يونس وسطڙو ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا جن کنڀي گم ڪيل نوجوان جي بازيابي لاء نعري بازي پڻ ڪئي۔
ان موقعي تي ريلي ۾ شريڪ عورتن ۽ ٻارڙن جي ميڙ کي پريس ڪلب اڳيان خطاب ڪندی اڳواڻن چيو ته اسان جي نوجوان عزيز ڀنگوار کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، عزيز جو ڪنهن به ڏوهاري گروپ سان ڪنهن به قسم جو واسطو ناهي۔ هنن مطالبو ڪيو ته عزيز کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي۔
About Author