You are at:Home»News»Local»نوشھروفیرو: 24 کان 30 اپريل تائين حفاظتي ٽڪن جو عالمي ھفتو ملھايو ويندو
نوشهروفيروز(ای این این) ھر سال جيان ھن سال بہ 24 اپريل کان 30 اپريل تائين حفاظتي ٽڪن جو عالمي ھفتو ملھايو ويندو. ان سلسلي ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو نوشھروفیرو سيد عمار حسين جي صدارت ھيٺ ھڪ اھم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ ھليٿ آفيسر ڊاڪٽر اسداللہ ڪلھوڙو، ڊي ايم، پي پي ايڇ آئي گل رحمٰن، صحت جي عالمي اداري جي ڊاڪٽر ڌڻي بخش، اسٽاف آفيسر ڊاڪٽر لبنيٰ علي، کان سواءِ پوليس، روينيو، صحت کاتي جي آفيسرن ۽ سماجي ڀلائي جي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر چيو تہ حفاظتي ٽڪن جي ھفتي دوران ضلعي جي سڀني ٻارن کي وچڙندڙ بيمارين کان بچاءَ جا ٽڪا لازمي لڳرايا وڃن. ھن چيو تہ مھم بابت عوام کي اگاھي ڏيڻ لاءِ پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي مھم بابت پيغام ھلايا وڃن.
ھن چيو تہ وچڙندڙ بيمارين جھڙوڪ پوليو، ارڙي، کنگھ، ٽي بي ۽ ٻين بيمارين کان بچاءَ جا ٽڪا لڳائي انھن کي محفوظ بنايو وڃي. مھم کي ايترو ڀرپور ڪيو وڃي تہ جيئن والدين پنھنجي ٻارن کي سرڪاري اسپتال ۾ قائم اي پي آئي مرڪزن تي وٺي اچي حفاظتي ٽڪن جو ڪورس مڪمل ڪرائین. ان کان اڳ ڊسٽرڪٽ ھليٿ آفيسر ڊاڪٽر اسداللہ ڪلھوڙو ٻڌايو تہ حفاظتي ٽڪن جو عالمي ھفتو ملھائڻ لاءِ 24 اپريل کان مھم ھلائي ويندي. ان مھم بابت ڄاڻ فراھم ڪرڻ لاءِ سيمينار ڪوٺايا ويندا، جڏھن تہ 22 اپريل تي پريس ڪلب کان سول اسپتال تائين آگاھي ريلي ڪڍي ويندي
About Author