نوشهروفيروز(ای این این) پ پ ضلعي قيادت پاران اسلام آباد ۾ سنڌ هائوس تي پي ٽي آء جي ڪارڪنن پاران حملي خلاف پريس ڪلب پهچي ضلعي صدر فيروز جمالي، جنرل سيڪريٽري سهيل اختر عباسي، امجد علي چانڊيو ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ هائوس اسلام آباد تي حملو سنڌ جي وحدانيت تي حملي برابر آهي جنهن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا۔
عدم اعتماد جي تحريڪ جي ڪاميابي کان پوء پي ٽي آء جا ڪارڪن بوکلائجي چڪا آهن ڇو ته پي ٽي آء جي حڪومت پنهنجي دور ۾ عوام وٽ ساک وڃائي ويٺي آهي هنن چيو ته سنڌ ۾ گونر راڄ لڳائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ احمڪن جي دنيا ۾ ٿا رهن سنڌ اندر وڏي بهتري اچي رهي آهي صحت , تعليم , ڊولپمينٽ سميت هر شعبي ۾ بهتري آهي ته پوء گورنر راڄ ڇا جي لاء هنيو ويندو۔ هنن چيو ته اسان جي لانگ مارچ ۾ ڪنهن به ڌر کي ڪو به نقصان نه پهتو پر پي ٽي آء وارن سنڌ هائوس تي حملو ڪري پنهنجو ڪردار ڏيکاريو آهي سندس اهڙو عمل ملڪي حالات لاء نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿو ان لاء پي ٽي آء جي ليڊر شپ پنهنجي ڪارڪنن کي لغام ڏئي جي نه ٻي صورت ۾ اهي نقصان جا ذميوار پاڻ هوندا پ پ جمهوري پارٽي آهي جيڪا عدم تشدد جي حامي آهي جنهن ڏي ميري اک سان ڏسڻ وارن جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين