You are at:Home»News»Local»ساھتي لٽريچر فيسٽيول ڪنڊيارو ۾ ڪرائڻ جو اعلان
نوشهروفيروز (ای این این) يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو 4 ۽ 5 مارچ تي ٻن ڏينھن وارو ساھتي لٽريچر فيسٽيول ڪنڊيارو ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نفسا نفسي جی دور ۾ نوجوانن کي علمي، ادبي، معلوماتي تقريبن ڏانھن وٺي اچڻ ضروري آهي جيئن نوجوان سماج ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري سگھن.
ھن چيو ته ساھتي لٽريچر فيسٽيول ۾ ڪتابي ميلي سان گڏ مختلف علمي، ادبي، سائنسي، تعليمي ۽ ٻين موضوعن تي پروگرام ڪيا ويندا. ھن نوجوانن کي اپيل ڪئي ته ھو ساھتي لٽريچر فيسٽيول ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪن. ان موقعي تي ھن پريس ڪلب ۾ صحافين کي ساھتي لٽريچر فيسٽيول جا دعوت ناما پڻ ڏنا
About Author