نوشهرو فيروز(ای این این) سڄي ملڪ جيان نوشهرو فيروز ۾ به سالانه جشن عيد غدير عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو۔ ان موقعي تي گاڏين جي قافلي ۾ مرڪزي ريلي ڳوٺ سيد ڇٽل شاهه کان مولانا سيد شهاب الدين شاهه، سيد مجاهد شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ صبح جو سوير روانو ٿيو جيڪو کاهي راهو، کاهي ڪنڊا، کاهي ممن کان ٿيندو ڀرياسٽي، ٺارو شاهه، ونگاڻي ۽ مچر رستي مرڪزي امام بارگاهه نجف سنڌ نوشهرو فيروز پهتو۔ ريليءَ جي رستي ۾ مومنن پاران گلن جي ورکا سان گڏ سبيلن ۽ نگرنياز تقسيم ڪيو ويو۔ ان موقعي تي عرفان علي رضا، زين علي ميمڻ، گل حيدر لاڙڪ، محمد سليم ميمڻ، محمد قاسم جوڻيجو، سيد علي رضا شاهه، مولانا خادم حسين ونگاڻي ۽ ٻين چيو ته اڄوڪو ڏينهن تاريخ اسلام جو وڏو ڏينهن آهي جو اڄوڪي ڏينهن تي خدا جو دين مڪمل ٿيو ۽ حضرت امام علي عليه السلام کي عالم انسانيت جو اڳواڻ بڻايو ويو۔
ريليءَ جي اختتام تي جشن جو اهتمام ڪيو ويو جنهن کي مولانا مدد علي ملاح خطاب ڪيو۔