نوشهرو فيروز(اي اين اين) نوشهرو فيروز جي اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالغفور ڌامراه اينٽي انڪروچمنٽ عملي ۽ پوليس سان گڏجي ٽائون ڪاميٽِي مٺياڻي ڀرسان ليٽ ننگر خان چانڊيو جي رهواسي غلام مصفي! چانڊيو پاران ڪيل مبينه قبضي کي عدالتي حڪم بعد ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو.
تفصيل موجب ٽائون ڪاميٽي مٺياڻي ڀرسان مذڪوره شخص ناجائز اڏاوت تعمير ڪئي هئي جنهن کي شهر جي سماجي اڳواڻن وڪيل رياض حسين سولنگي معرفت نوشهرو فيروز جي عدالت ۾ چئلنج ڪيو هو جنهن تي عدالت سڳوري اڏاوت کي سرڪاري پلاٽ تي قبضو ڄاڻائي ڊاهڻ جو حڪم ڏنو
عدالتي حڪم بعد اي سي نوشهرو فيروز اربع جي صبح عملي سميت پهچي حد دخلي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي، ان موقعي تي يوٿ ڪاميٽي اڳواڻن سميت شهرين جو وڏو انگ پهچي ويو ۽ حد دخلي هٽائڻ جي واکاڻ ڪئي. ٻئي طرف مبينه قبضو ڪندڙ شخص غلام مصفي! چانڊيو جو چوڻ هو ته وٽس ان پلاٽ جي سند موجود آهي، جڏهن ته ان موقعي تي صحافين مختيار سهتو، رياض چانڊيو ۽ ٻين پڻ اي سي سان ملاقات ڪئي
هوڏانهن سيڪريٽري ٽائون ڪاميٽي مٺياڻي خير محمد مستوئي ٻڌايو ته عدالتي حڪم تحت حد دخلي هٽائي وئي ۽ ڪنهن کي به مستقبل ۾ قبضو ڪرڻ نه ڏنو ويندو ڇاڪاڻ ته اهو سرڪاري پلاٽ آهي جيڪو پبلڪ هيلٿ ۽ سرڪاري روڊ جي وچ تي آهي