مورو جي عدالت، زال کي قتل ڪندڙ جوابدار کي عمر قيد ۽ ھڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي - Eye News Network

مورو جي عدالت، زال کي قتل ڪندڙ جوابدار کي عمر قيد ۽ ھڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

0

مورو رپورٽ: اختر لغاري/اي این این ایس) ايڊيشنل سيشن جج مورو نديم خان پٺاڻ جي عدالت، زال کي قتل ڪندڙ جوابدار وقاص آرائين کي عمر قيد ۽ ھڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي۔ جوابدار پنج مھينا اڳ لطيف ڪالوني ۾ پنھنجي گھر اندر ڇرين جا وار ڪري پنھنجي زال ڪرن آرائين کي قتل ڪيو ھو جنھن جو ڪيس ناري جي پيءِ پاران مورو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ھو، جنھن جو ڪيس مورو جي ڄاڻايل عدالت ۾ ھلندڙ ھو جتي عدالت ۾ ھلندڙ ڪيس دوران جوابدار ڏوھ جو اعتراف پڻ ڪيو ھو جنھن بعد ايڊيشنل سيشن جج مورو نديم خان پٺاڻ جي عدالت مذڪورہ جوابدار کي عمر قيد ۽ ھڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آھي۔ 

ياد رھي تہ پنج مھينا اڳ جوابدار وقاص آرائين لطيف ڪالوني ۾ گھر اندر ڇرين جا وار ڪري پنھنجي زال ڪرن آرائين جو قتل ڪرڻ بعد ڦر جو ڪوڙو ڊرامو رچايو ھو ۽ انھي واقعي خلاف ناري جي وارثن ۽ شھرين ڪافي دفعا احتجاج پڻ ڪيا ھئا، جڏھن تہ مورو پوليس جاچ دوران شڪ جي بنياد تي مقتولا جي مڙس وقاص آرائين کي گرفتار ڪيو ھو جنھن مورو پوليس اڳيان ڏوھ جو اعتراف ڪيو ھو۔ فريادي جو وڪيل اياز علي گوپانگ ھو۔

About Author

Leave A Reply