مٺياڻي واسي پيرسن زال مڙس نافرمان پٽ خلاف دانھڻ لاء صحافين وٽ پهچي ويا - Eye News Network

مٺياڻي واسي پيرسن زال مڙس نافرمان پٽ خلاف دانھڻ لاء صحافين وٽ پهچي ويا

0

مٺياڻي (اي این این ایس) مٺياڻيء ويجھو ڳوٺ ٽنڍڻ پنھور واسي پيرسن زال مڙس غلام شبير پنھور ۽ غلام صغران پنھور ھتي صحافين آڏو دانھيندي چيو آھي ته اسان جو پٽ نالي ذوالفقار پنھور نافرمان ٿي ويو آھي، جنھن گذريل ڇھن مھينن کان اسان تي ظلم جا پھاڙ ڪيرايا آھن۔

ھنن روئيندي ٻڌايو ته ذوالفقار روز اسان کي ڌڪ ھڻي ٿو گھٽا ٿو ڏئي ۽ چئي ٿو ته اوھين مرو ته منھنجي جان ڇٽي۔ ھن جي پيرسن ماءَ روئيندي ٻڌايو ته منھنجي مٿان پٺي ءَ تي پيٽرول پڻ ھاري ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ھاڻي اسان کي زوري مارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي۔

هنن پيرسنن چيو ته پٽ چوي ٿو گهران نڪرو ته مان عورت کي وهاريان ٻي صورت ۾ اوهان کي ماري پوري ڇڏيندس , اسان جي جانين کي سخت خطرو آهي اسان ايس ايس پي کان به اھڙي درخواست صحيح ڪرائي مٺياڻي ٿاڻي تي ڏني آھي، پر ايس ايڇ او سميت پوليس وارا به لوفر پٽ جي ڌر بڻيل آھن اسان ھڪ مھيني کان گھر کان ٻاھر آھيون دربدري جي زندگي گذاري رھيا آھيون۔

ٻئي طرف مٺياڻي ٿاڻي جي وڏي منشي سان رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته ٻئي زال توڙي مڙس دانھيندا به آھن ليڪن سندن ئي شڪايت تي پوليس سندن پٽ کي گرفتار ٿي ڪري ته پوء پاڻ ئي پوليس خلاف ڪورٽ ۾ پھچي ٿا وڃن۔

About Author

Leave A Reply