You are at:Home»News»Local»مٺياڻي:نَصرﷲ ڪالادي ۽ ٻين مٿان جڙتو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف مظاهرو، نعريبازي
مٺياڻي(اي این این ایس) گهوٽڪي ۾ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻ نَصرﷲ ڪالادي ۽ ٻين مٿان جڙتو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ضلعي اڳواڻ نبي بخش مستوئي جي اڳواڻي ۾ ٺاروشاھ اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.
گهوٽڪي سول اسپتال ۾ عملي جي غفلت سبب فوت ٿيل معصوم ٻارڙي الفت ملڪ جي قتل خلاف جدوجهد ڪندڙن خلاف سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ارباب ملڪ طرفان سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻ نَصرﷲ ڪالادي ۽ ٻين مٿان داخل ڪيل جڙتو ايف آئي آر خلاف مٺياڻي ۾ ٺاروشاھ اسٽاپ تي ضلعي اڳواڻ نبي بخش مستوئي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ نصرﷲ ڪالادي مٿان داخل ڪيل ڪوڙي ايف آئي آر رد ڪئي وڃي ۽ نااهل ايم ايس ڊاڪٽر ارباب ملڪ کي هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔ احتجاجي مظاهري ۾ فياض شيخ، شهباز مستوئي، فیصل مستوئی، اختر چانڊيو ۽ ٻيا شريڪ ھئا۔
About Author