نوشھرو فيروز (اي این این ایس) صحت کاتي نوشھرو فيروز پاران ڳوٺ گل حسن لغاري ۾ ھيپاٽائٽس جي اسڪريننگ ۽ ويڪسين ڪئمپ لڳائي ويئي، جنھن جي اڳواڻي ھيپاٽائٽس پروگرام جي انچارج ڊاڪٽر نور حسين مُورو ڪئي۔ جڏھن ته ساڻس ٽيم ۾ نعمان علي تنيو، عبدالرزاق مشوري، سيد فضل عباس ۽ رميز احمد ميمڻ شامل ھئا۔ ان موقعي ڪئمپ لڳائيندڙ ڳوٺاڻن گل حسن لغاري، ممتاز علي لغاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه مھينن اندر اسان جي علائقي ۾ ڪيترائي ماڻھو ھن بيماريءَ سبب وفات ڪري ويا آھن، تنھن ڪري ھيپاٽائٽس جون ٽيسٽون ڪرائڻ لازمي سمجهيوسين۔
اسان ڊي ايڇ او نوشھرو فيروز ڊاڪٽر سڪندر علي ڪلھوڙو فوڪل پرسن ڊاڪٽر خادم حسين مڱريو ۽ پروگرام جي انچارج ڊاڪٽر نور حسين مُورو جا شڪرگذار آھيون جن اسان جي علائقي کي سائيءَ کان پاڪ ڪرڻ جو وچن ڪيو آھي ۽ سوين ماڻھن جون ٽيسٽون ڪرڻ کان سواءِ احتياطي ويڪسين پڻ ڪئي آھي۔ خیال رھي تہ ڪئمپ ۾ 310 مرد ۽ عورتن جون ٽيسٽ ۽ ويڪسين ڪئي ويئي جڏھن تہ 184 ٻارن کي احتياطي ٽڪا لڳايا ويا ھن ڪئمپ ۾ 53 ماڻھن جي ٽيسٽ مثبت آئي جن جي جلد PCR ڪري علاج ڏنو ويندو۔