You are at:Home»News»Local»نوشهروفيروز: عورت جو مڙس ۽ ساھرن خلاف احتجاج
نوشهروفيروز(اي این این ایس)
ڳوٺ سالار ڏاھري ۾ مسمات غلام فاطمه چنه مڙس ۽ ساھرن جي ظلم خلاف احتجاج ڪندي دانهيو آھي ته سندس مڙس خدا بخش چنه، سس ممتاز خاتون جيڪي دريا خان مري جا ويٺل آھن ۽ ھو ھڪ ڏينھن اڳ پنھنجي ڀاءُ سھراب چنه سان گڏ پنھنجي ماءُ جي گھر آئي ته ساھرن پويان سندس ۽ پٽ عبدالرحمان چنه جي اغوا جي اين سي دريا خان مري ٿاڻي تي سندس ڀاءُ ۽ مامن تي داخل ڪرائي آھي، جيڪو سراسر ظلم آھي۔
ھن چيو ته ھو پنھنجي ماءُ وٽ رضا خوشي سان آئي ھئي پر مڙس ۽ ساھرن اغوا جا ڪوڙا الزام ھڻي سندس ڀاءُ ۽ مامن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي۔
About Author