You are at:Home»News»Local»ڪراچي ۾ استاد جي نياڻي سان اجتماعي زيادتي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي
نوشهروفيروز(اي این این ایس) ڪراچي ۾ استاد جي نياڻي سان اجتماعي زيادتي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف پ ٽ الف تعلقي نوشھروفيروز جي سڏ تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي مين پرائمري اسڪول کان شروع ٿي پريس ڪلب نوشهروفيروز پھتي، استادن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل ھئا ۽ اھي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ نعره ھڻي رھيا ھئا. ان موقعي تي استادن معشوق وڳڻ، آفتاب مورو، مھدي کوسو، حيدر علي مڱڻهار ۽ ٻين چيو ته بشرا سنڌ جي سمورن استادن جي نياڻي آهي پر افسوس جو اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار ناھي ڪيو ويو. ھنن چيو ته سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
About Author