نوشهروفيروز(اي این این ایس) سنڌ هاء ڪورٽ جي حڪم باوجود سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ وينٽيليٽر انسٽال نه ڪرڻ ۽ اسپتال کي ضلعي جو درجو نه ڏيڻ خلاف اسپتال بچايو ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي الله واري چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج ۾ شامل ماڻهو اسپتال جا مسئلا حل ڪيو جا نعره هڻي رهيا هئا
ان موقعي تي سول اسپتال بچايو ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن يونس راڄپر، سلام سومرو، رمضان مڱڻیجو، گدا خاصخیلی، نوید تگر ۽ ٻين چيو ته سول اسپتال ۾ ايندڙ ڪيترائي مريض وينٽيليٽر نه هجڻ ڪري تڙپي تڙپي فوت ٿي چڪا آھن پر هاء ڪورٽ جي حڪم باوجود وينٽيليٽر انسٽال نه پيا ڪيا وڃن. علاج جون بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري روزانو ايندڙ مريض سخت پريشان ٿي رهيا آهن. اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي سخت کوٽ آهي جڏهن ته پئٿالاجسٽ، دل، سرجري، نڪ، گلي، گردن، الٽرا سائونڊ ای سی جی سميت ماهر ڊاڪٽر مقرر نه ٿا ڪيا وڃن. اسپتال ۾ مريضن لاءِ دوائون اڻ لڀ آهن. هنن چيوته ڪاغذن ۾ مڪمل ڏيکاريل ٽراما سينٽر بابت اڃا تائين جاچ نه ٿي سگهي آهي. اسپتال جو آپريشن ٿيٽر مڪمل طور تي ستن سالن کان بند آهي ليبارٽري، الٽراسائونڊ ۽ ايڪسري نه ٿيا ڪيا وڃن