اي سي نوشھرو فيروز پاران احساس ڪفالت سينٽر مٺياڻي جو دورو، ڪٽوتي واري سوال تي ماڻھو خاموش - Eye News Network

اي سي نوشھرو فيروز پاران احساس ڪفالت سينٽر مٺياڻي جو دورو، ڪٽوتي واري سوال تي ماڻھو خاموش

0

مٺياڻي(اي اين اين ايس) اسسٽنٽ ڪمشنر نوشهرو فيروز ۽ ايڊمنسٽريٽر مٺياڻي عوامي شڪايتن تي احساس ڪفالت سينٽر مٺياڻي جو دورو ڪيو۔ ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر نوشھرو فيروز عبدالغفور ڌامراه چيو ته احساس ڪفالت جي ملڻ واري رقم مان ڪنهن کي به ڪٽوتي ڪرڻ جي اجازت ناهي، تعلقي ۾ ڪٿي به شڪايت ملندي ان سينٽر هلائيندڙ خلاف ايف آئي آر داخل ڪئي ويندي۔
هن وڌيڪ چيو ته شهر ۾ پڙهو ڏياريو آهي ته ڪو به مسڪين مستحق ڪنهن کي ڪميشن نه ڏئي ۽ ان باوجود ڪو سينٽر وارو پئسن عيوض ڪميشن گهري ته مڪمل نالي ۽ شناختي ڪارڊ نمبر سان بر وقت مون کي اطلاع ڪري ته ان ئي وقت هنن خلاف ڪارروائي عمل ۾آندي وڃي۔ ان موقعي تي موجود احساس ڪفالت جي مستحقن کان به ڪٽوتي جي معلومات ورتي پر اتي موجود مستحقن مان ڪنهن به اهڙي شڪايت نه ڪئي۔ ٻئي طرف ھن سينٽر هلائيندڙن کي وارننگ ڏيندي چيو ته توهان جي خلاف ڪٽوتي جي ڪا به جائز شڪايت ملي ته توهان جي خلاف سخت قانوني قدم کنيو ويندو۔

About Author

Leave A Reply