مٺياڻيء ۾ ايڪتا ڏينھن کي سنڌ منھنجي جند ڪري ملهائڻ جي حوالي سان تقريب - Eye News Network

مٺياڻيء ۾ ايڪتا ڏينھن کي سنڌ منھنجي جند ڪري ملهائڻ جي حوالي سان تقريب

0

مٺياڻي(رپورٽ: محسن حسن/اي اين اين ايس)مٺياڻيء ۾ ايڪتا ڏينھن کي سنڌ منھنجي جند جي سري ھيٺ ملھائڻ جون تياريون عروج تي پھچي ويون آھن۔ ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت مٺياڻيء پاران مٺياڻيء ۾ ثقافتي مشاعرو منعقد ڪيو ويو، جنھن جي صدارت ناليواري صحافي ۽ سماج سڌارڪ لالا حسن پٺاڻ ڪئي. جڏھن ته مھمان خاص سنڌي ادبي سنگت جي نئين چونڊيل ضلعي رابطه سيڪريٽري سبحان علي سوز جتوئي ھو۔ جڏھن ته اعزازي مھمانن ۾ ناميارو شاعر جبار جوش، حسن شاھ صوفاڻي، عتيق الرحمان قريشي, امين چانڊيو، ڊاڪٽر برڪت ملڪ ۽ گلزار سيال ھئا.
مشاعري ۾ ڇھين ڊسمبر تي ملھائجندڙ ايڪتا ڏينھن جي اھميت تي روشني وجھندي لالا حسن پٺاڻ چيو ته اسانکي قومي ٻڌيء سان گڏ ھاڻي ھڪ قدم اڳتي به وڌڻو پوندو، غريبن جي ٻارڙن کي اعلي! تعليم ڏيارڻ کان وٺي ھر قسم جي ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ به شامل ھجي. ھن وڌيڪ چيو ته ميڊيا جي ڏنل ٻڌيء واري سڏ سڄي سنڌي قوم کي ڄڻ متحد ڪري ڇڏيو آھي.
سبحان علي سوز ڳالھائيندي چيو ته اجرڪ, ٽوپي ۽ رليء جي نماء سنڌ جا انيڪ رنگ نروار ڪيا آھن , ھاڻي اوطاقن ۾ مچ ڪچھريون پيون ٿين, شاھ ڀٽائيء جا جيڏانھن ڪيڏانھن شعر پيا گونجن، ايئن پيو لڳي ڄڻ واقعي سنڌي قوم صدين کان ھئي آھي ۽ رھندي. مشاعري ۾ شاعرن پاران ايڪتا شاعري ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو ويو. مشاعري کي حسن صوفاڻي، جبار جوش, امين چانڊيو، ڊاڪٽر برڪت ملڪ، عتيق الرحمان قريشي، گلزار سيال، معشوق ملاح ۽ ٻين خطاب ڪيو. مشاعري ۾ آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا. ان موقعي تي نامياري شاعر ڊاڪٽر برڪت ملڪ سنڌي ادبي سنگت جي ڊاڪٽر مشتاق ڦل گروپ کي ڇڏي احمد سولنگي گروپ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.
ٻئي طرف ايڪتا مشاعري کان پھرين ڊاڪٽر برڪت ملڪ جي رھائش گاھ تي سبحان علي سوز جتوئيء کي آجياڻو ڏنو ويو، جنھن ۾ جبار ملاح, ظفر تڳر ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏھن ته مشاعري ۾ فنڪارن گلزار سيال, معشوق ملاح ۽ ٻين ايڪتا متعلق ڪلام ڳائي مشاعري کي محفل ۾ مٽائي ڇڏيو.

About Author

Leave A Reply