ادارا هڪ پيج تي نه هجڻ ڪري ملڪ کي ايف اي ٽي ايف ته وري ڪڏهن دهشتگردي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو پيو وڃي:اياز لطيف پليجو - Eye News Network

ادارا هڪ پيج تي نه هجڻ ڪري ملڪ کي ايف اي ٽي ايف ته وري ڪڏهن دهشتگردي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو پيو وڃي:اياز لطيف پليجو

0

(نوشهروفيروز(اي این این ایس
پاڪستان هن وقت بدترين دور مان گذري رهيو آهي نه صحت آهي، نه تعليم نه وري روزگار، پاڪستان جا ادارا هڪ پيج تي نه هجڻ ڪري ڪڏهن ان کي ايف اي ٽي ايف ته وري ڪڏهن دهشتگردي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو پيو وڃي جيڪڏهن سياسي ڌريون هڪ ٻئي جي گريبان ۾ هٿ نه وجهن ها ته اهڙيون عالمي پابنديون نه لڳن ها
اهڙن خيالن جو اظهار قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو پاران بيداري مارچ جو نوسهروفيروز پهچڻ بعد پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جيڪا سڄي پاڪستان جي هجڻ گهرجي سنڌ برساتن دوران ٻڏندي رهي پر عمران خان سنڌ جي ماڻهن جي ڪا به مدد نه ڪئي. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي هاڻي پنهنجا ڊراما بند ڪرڻ گهرجن سنڌ جا معدني وسيلا پاڻ وفاق کي لکي ڏين ٿا اهڙي ڳالهه ظاهر ٿيڻ تي انهن جو موقف تبديل ٿيو وڃي پر سنڌ جو عوام هاڻي سجاڳ ٿي چڪو آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم جي جلسن ۾ سنڌ جي مسئلن تي نه پيو ڳالهايو وڃي پي ڊي ايم جي قيادت کي گهرجي ته هو سنڌ جي مسئلن تي به ڳالهائي ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي وارو فيصلو وفاق کي واپس وٺڻ پوندو
ان موقعي تي هن سڄي سنڌ سميت نوشهروفيروز جي ماڻهن کي به 8 نومبر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ بيداري مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي. جڏهن ته خان سومرو، مصطفيٰ نظاماڻي ۽ ٻي مرڪزي قيادت به ساڻس گڏ هئي

About Author

Leave A Reply