نوشهروفيروز ۾ ٻن ڄڻن جي قتل خلاف احتجاج، وڪيلن پاران ايس ايس پي کي ھٽائڻ جو مطالبو - Eye News Network

نوشهروفيروز ۾ ٻن ڄڻن جي قتل خلاف احتجاج، وڪيلن پاران ايس ايس پي کي ھٽائڻ جو مطالبو

0

نوشهروفيروز(اي اين اين ايس)
نوشهروفيروز جي اسڪارپ واپڊا ڪالوني ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل ايس ايس پي نثار احمد چنه جي ڀيڻويي ۽ تعليم کاتي جي ريٽائرڊ هيڊ ڪلارڪ شعبان احمد چنه ۽ سندس نوجوان پٽ بابر علي چنه کي سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ڪوٽ چنه ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو ۽ تڏو ايس ايس پي نثار احمد چنه جي اوطاق تي وڇايو ويو جتي تعليم کاتي جي اڳوڻي اي ڊي او نثار احمد ميمڻ، ايس ايس پي الطاف لغاري سميت سوين ماڻهن پهچي تعزيت جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته اسڪارپ ڪالوني ۾ 6 هٿياربند ڦر جي ارادي سان سندن گهر ۾ داخل ٿيا هيا ۽ مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي کين ماري وڌو هو. جڏهن ته شعبان احمد چنه جو هڪ پٽ شاداب چنه پڻ زخمي ٿيو هو. واقعي کان پوءِ نوشهروفيروز پوليس واقعي کي ذاتي تڪرار قرار ڏنو هو جڏهن ته ايس ايس پي نثار احمد چنه پوليس جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته هي ذاتي حملو نه پر ڌاڙو هو جنهن ۾ گهر ڀاتين مزاحمت ڪئي ته ڦورن کين شهيد ڪري آساني سان فرار ٿي ويا. هن دعويٰ ڪئي ته اسان 90 سيڪڙو قاتلن تائين پهچي چڪا آهيون جن کي جلد وائکو ڪيو ويندو. هوڏانهن واقعي خلاف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران نوشهروفيروز شهر ۾ ٻٽي قتل خلاف عدالتي ڪارروائي جو ڪجهه وقت بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي بار جي صدر عبدالرحيم عباسي، جنرل سيڪريٽري اياز علي مري، ارباب علي چانڊيو ۽ ٻين ڪئي۔
هنن چيو ته نوشهروفيروز ۾ بدامني ۽ قتل، چورين جون وارداتون ڏينهون ڏينهن وڌنديون پيون وڃن ايس ايس پي الطاف لغاري جي اچڻ سان ڏوهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي۔ هنن گهر ڪئي ته قاتل جلد وائکا ڪري انصاف ڏنو وڃي ۽ نوشهروفيروز ضلعي ۾ ڪو فرض شناس ايس ايس پي مقرر ڪيو وڃي.

About Author

Leave A Reply